اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ملاقات ??ئي آهي. ملاقات ۾ ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان پڻ وڊيو لنڪ ذريعي شري?? ٿيو. ملاقات ۾ ملڪ ۾ تعليم جي فروغ خاص طور تي آن لائن تعليم، شاگردن کي ديني تعليم ۽ سائنسي علم طرف راغب ڪرڻ ۽ جديد تعليم جي حوال?? سان بهتر موقعا فراهم ڪرڻ جي حوال?? سان معاملن تي ڳالهه ٻولهه ??ئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نوجوان شاگردن کي سيرت النبي صه ۽ پاڻ صه جي حيات طيبه جي روشن رخن?? صحابه ڪر??م رضه ۽ اسلامي تاريخ جي روشن باب کان روشناس ڪر??ئڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن.