ڪوئيٽا– 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته بلوچستان ۾ زرعي ترقي جي لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن، جنهن کي بهتر حڪمت عملي سان استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، صوبي ?? ڪراپس ايڊنٽي فڪيشن جي لاءِ اسپارڪو سان ويجها رابطا قائم ڪري جديد ٽيڪنيڪ مان فائدو کنيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گورنر ??ائوس ۾ زرعي ترقي ۽ توسيع بابت منعقد اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.